واشنگٽن-19 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ??سعود خان چيو آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا فوجي ۽ غير ??وجي ٻنهي شعبن ۾ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن واشنگٽن ڊي سي جي مشهور يونيورسٽي ڪلب ۾ هڪ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائين دوران سيڙپڪ??ري ۽ واپ??ري تعاون تي خاص ڌيان ڏيندي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ( ايس آءِ ايف سي) جي تازو ئي شروع ڪيل پليٽ فارم جي خاصيت تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان کي حصيدار هجڻ گهرجي، اسان کي هڪٻئي سان عوامي سطح تي رابطن لاءِ ڳالهيون ج??ري رکڻ گهرجن. ڪلب جي عالمي ڪميٽي پاڪستاني سفير ??سعود خان کي مختلف موضوعن تي ڳالهائڻ لاءِ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. ان موقعي تي ٿنڪ ٽينڪ ڪميونٽي جا ميمبر، واپاري، ڪاروب??ري ماڻهو ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل هئا.پاڪستان جي سفير ??اڪ آمريڪا لاڳاپن جي اهيمت تي روشني وڌي ۽ پاڪستان ۾ 80 آمريڪي ڪمپنين جي موجودگي جو حوالو ڏيندي چيو ته آمريڪا کي پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ڪمپنين جي تجربن ۽ ملڪ ۾ انهن جي موجوده ??يڙپڪ??ري جي انفراسٽرڪچر سبب مسلسل فائدو ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي تازي معاهدي کي تبديلي آڻڻ وارو قرار ڏيندي اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون جي شعبن ۾ ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن زراعت، توانائي، آءِ ٽي ۽ معدنيات جي شعبن جي نشاندهي ڪندي سيڙپڪارن لاءِ خصوصي سيڙپڪ??ري ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ڪرڻ جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسان تجديد جوڳن ذريعن، صحت جي سارسنڀال، تعليم ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ به تعاون ڪرڻ جي ضرورت آهي. خاص طور تي مصنوعي ذهانت (اي آءِ ) جي شعبي ۾ آءِ ٽي جو شعبو پاڪستان لاءِ تبديلي جو سبب آهي ۽ آمريڪا خاص طور تي ٽيڪ انٽر پرينيورز ۽ وڏا سيڙپڪار پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪ??ري ڪري رهيا آهن. مسعود خان پاڪ ڀارت لاڳاپن ۽ ڀارت جي غير ??انوني قبضي هيٺ ڪشمير جي حل سميت پراڻن مسئلن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي اهميت تي به ڳالهه ڪئي. هن چيو ته امن جي جستجو ج??ري رهڻ گهرجي ۽ اسان جو موقف اهو رهيو آهي ته اسان کي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻن مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي چونڊن طرف وڌي رهيا آهن، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ هڪ نئين قيادت سفارتڪ??ري ذريعي مسئلن کي حل ڪندي.
پاڪستان ۾ توانائي، آءِ ٽي ۽ معدنيات جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha