بيجنگ – 26 – جولائي (اي پي پي) چي?? جي گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنس (جي اي اي ايس) جي ڪراپ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي محقق پروفيسر زائو وئ?? چيو آهي ته پاڪستان ۾ السي جي فصل جي في هيڪٽر سراس??ي پيداوار 692 ڪلوگرام آهي جيڪا تمام گهڻي گهٽ آهي، ان ڪ??ي پاڪستا?? جي آبهوا ۽ مٽيءَ جي حالتن لاءِ موزون ٻج?? جي قسمن کي جلد کان جلد پوکڻ وڏي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سوائل سائنس ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر اي ڊبليو گانداهيءَ چيو آهي ته زرعي ٽيڪنالاجي جي ذريعي السي جي فصل جي آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ اسا?? جي رڳو هڪ شروعات آهي، اسا?? جي تعاون وارو منصوبو روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، واپار کي وڌائڻ ۽ السي جي فصل جي ويليو چي?? جي مجموعي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي ٻنهي طرف?? جي معاشي ترقي ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. چي?? جي گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنس (GAAS) جي ڪراپ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ السي جي فصل بابت منعقد ٿيل هڪ سيمينار ۾ خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پروفيسر ڊاڪٽر گانداهيءَ چيو ته پاڪستان تيل جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. نيشنل آئل سيڊ بابت پهرين جامع پاليسي تجويز ڪئي وئ?? آهي ته جيئن کاڄرو تيل جي پيداوار کي وڌايو وڃي ۽ درآمدات تي ڀاڙڻ کي گهٽايو وڃي ۽ ان ??ان گڏ تيل جي ٻج پوکيندڙ?? جي منافعي کي بهتر بڻايو وڃي، هن وقت تائين سنڌ ۽ پنجاب پاڪستان ۾ السيءَ جو فصل پوکيندڙ وڏا صوبا آهن، ج?? جي ايراضي 53 ۽ 47 سيڪڙو آهي، تنهن هوندي به گذريل پندرهن سالن کان السيءَ جي فصل هيٺ ايراضي (9000-9500 هيڪٽر) تائين محدود رهي آهي، پروفيسر گانداهيءَ چيو ته اهڙي اهم نقدي فصل جي ايراضي ۽ پيداوار کي وڌائڻ جي تمام گهڻ ضرورت آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ السي پوکيندڙ آبادگارن کي ڪيتريُون ئي رڪاوٽُون درپيش آهن جنهن ۾ فصل جي گهٽ قيمت، آبپاشي جي پاڻي جي کوٽ، معياري ٻج جي کوٽ ۽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ موسمياتي تبديلي آهي، پروفيسر گانداهيءَ چيو ته مجموعي طور تي انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، تحقيقي ادارن ۽ خانگي شعبي جي گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت آهي ته جيئن آبادگارن کي فني مدد، ٻج جا بهتر قسم ۽ تربيت فراهم ڪري سگهجي، هِن چيو ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ زرعي تعاون کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هِن ان ڳالهه تي زو?? ڏيندي چيو ته جيئن ته چين سڀ کان وڌيڪ زرعي شيُون پيدا ڪندڙ ۽ پوک لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مهيا ڪندڙ ملڪ آهي، اُن لاءِ چين جديد ٽيڪنالاجي ??ان ڀرپُور پائيدار ٻج، آبپاشي ۽ مشينري وسيلي پاڪستاني هارين کي جديد ٽيڪنالاجي ??ان سهڪار ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته دنيا جو سڀ کان وڏو صارف هجڻ جي ڪري، چين وڌيڪ موقعا ونڊي سگهي ٿو، جنه?? جي ذريعي پاڪستاني آبادگار پنهنجي برآمدات کي وڌائي سگهن ٿا، ان ??ان آمدني بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ پاڪستان ۾ ويليو چي?? جي واڌ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا. هِن چيو ته سڀني ڳالهين کان هٽي ڪري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي وچ ۾ تعاون پاڪستاني ۽ چيني آبادگارن، محققن ۽ ماهر?? جي وچ ۾ ڄاڻ ۽ صلاحيت?? جي مٽاسٽا کي آ??ان بڻائي سگهي ٿو. گڏيل تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي ٻنهي ملڪن ۾ السي جي فصل جي آبادگارن کي درپيش چيلينجز کي آهستي آهستي حل ڪري سگهبو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي چين- پاڪستان فلڪس ريسرچ اينڊ انوويشن مرڪز جي افتتاحي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئ??. جڏهن ته اهو به معلوم ٿئي ٿو ته GAAS جي السي جي نئين قسم لونگيا سيريز کي اتر اولهه چين ۾ ٿوري برسات جي ڪري خشڪ موسم جي حالتن مُوجب چونڊيو ويو آهي، جنه?? جي پوک جي تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته ان قسم جي پيداوار مقامي قسم?? جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ بيمارين ۽ جيتن ??ان مزاحمت جي سگهه به بهتر آهي.
پاڪستان ۾ السي جي فصل جي في هيڪٽر سراسري پيداوار تمام گهٽ آهي، تعاون وارو منصوبو روزگار جا موقعا پيدا ڪندو: پروفيسر زائو وئي/ڊاڪٽر گانداهيءَ
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج