نيويارڪ ?? 22 ??يپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڀارتي حڪومت کي والاريل ڪشمير جي علائقي اڙي ۾ ٿيندڙ فائ??نگ جي واقعي جو ??اڪستان تي الزام هڻڻ کان پهرين ان جي جامع جاچ ڪرائڻ گهرجي. نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اڙي واقعي جي انڪوائري يا جاچ ڪرائڻ گهرجي، اهڙن واقعن جي جاچ ۾ ڪيترائي ڏينهن ۽ هفتا لڳي ويندا آهن، 10 کان 20 ڪلاڪن ۾ توهان ڪيئن نتيجي تي پهچي سگهو ٿا، ان سان ماڻهن جي ذهنن ۾ شڪ شهبا ۽ سوال اٿي رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ کي درپيش توانائي، معيشت جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خات??ي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاميابي جي رستي تي گامزن آهي.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری