اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شر??ف اهڙين جاين تي صنعتي علائقا قائ?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪي اقتصادي طور تي موزون هجن ۽ انهن سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي کي وڌ کان وڌ معاشي فائدا حاصل ٿين. وزيراعظم هائوس ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم انهن جاين جي اقتصادي موزونيت ۽ فائدن بابت چيني حڪومت کي تجويزون پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته چين اهم موڙ تي اقتصادي بحا??ي جي لاءِ پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جن??ن تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام چيني قيادت ۽ عوام جي ٿورائتي آهي.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil