چنگ ڊاو – 08 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چي?? جي چئن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو آهي، آمد تي چي?? جي نائب پرڏيهي وزير ڪانگ شوانگ يو ۽ صوبي شان دائونگ جي وائس گورنر ايرونگ سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ۽ چي?? ۾ پ??ڪس??ان جو سفير مسعود خالد به ان موقعي تي موجود هئا، چي??ي هٿياربند فوج جي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن کيس گلدستو به پيش ڪيو. صدر اڄ ڇنڇر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس 9 ۽ 10 جون تي چي?? جي ساحلي ۽ صنعتي شه?? چنگ ڊائو ۾ ٿي رهي آهي، ايس سي او ۾ پ??ڪس??ان جي شموليت ک??نپ??ءِ هي پهرين سربراهه ڪانفرنس آهي، صدر کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت چي?? جي صدر شي جن پنگ ڏني هئي.
صدر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا