بکر – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاه?? خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نعرن ??دران عوام جي خدمت ڪئي آهي، 5 سالا ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام جولاءِ 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏيندي، ايندڙ چونڊن ۾ لعنت موڪليندڙن ۽ خدمت ڪندڙن جي وچ ۾ مقابلو هوندو ۽ عوام باشعور آهي، اها خدمت ڪندڙن کي چونڊيندي. بکر ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ کانپوءِ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي آهي جو توهان جو ??راڻو مطالبو پورو ٿيو، مون کي نواز شريف جي خصوصي هدايت هئي ته 20 سالن کان جيڪو واعدو پورو ڪرڻ جو ??وقعو نه مليو اهو واعدو مڪمل ڪرڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏيان، 7 ارب رپين جي لاڳت سان پل جو اهو منصوبو مڪمل ٿيندو ۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿيندو، اها ٻن صوبن کي ڳنڍيندڙ پل آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين صوبن کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي، فرق جي نه، ان کان اڳ جون حڪومتون ۽ آمريتون به اها پل نه ٺاهي سگهيون هيون جڏهن ته اهو مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف جي حصي ۾ آيو ته ملڪ ۾ ترقي جا منصو??ا ڏي، ملڪ کي اڳتي وٺي هلي.
مسلم ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ