اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آه?? ته ايشيا ۽ ماٺي سمن?? جي خطي ۾ تيزي رفتاري ت?? ضابطو آڻي روڊ حادثن سبب ٿيل فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي. اها ڳالهه اي ڊي ب?? جي تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آه??. رپورٽ ۾ رستن تي رفتار جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايشيا ۽ ماٺي سمن?? جي ملڪن کي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ويو ته سراسري رفتار ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائ?? جي صورت ۾ ٽريفڪ حادثن جي شرح ۾ 4 سيڪڙو تائين جڏهن ته فوتگين جي شرح ۾ 3.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اي ڊي بي جو چوڻ آه?? ته سڄي دنيا ۾ هر سال ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ 11 لک 90 هزار کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آه??، ايشيا ۽ ماٺي سمن?? جي خط ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ روزانو 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زندگ?? جي بازي هارائي ويندا آه??، رپورٽ ۾ ايشيا ۽ ماٺي سمن?? جي خطي ۾ رستن تي سراسري رفتار ۾ گهٽتائ?? جي سفارش ڪئي وئي آه??. چيو ويو آه?? ته خط?? جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري علائقن ۾ سراسري رفتار 50 کان 60 ڪلو ميٽر کان گهٽائي 40 ڪلوميٽر تائين ڪئي وئي آه?? جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان کي وڌيڪ گهٽ ڪري 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ??ائين آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آه??، رپورٽ ۾ رستن تي رفتار جي حوالي سان آگاهي ۽ انفورسمينٽ جي طريقن ۾ بهتري آڻڻ جي به سفارش ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو آه??.
ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ تيزي رفتاري تي ضابطو آڻي حادثاتي فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو