گڏيل قومون -19 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي مصنوعي ذهانت جي حوالي س??ن منعقد ٿيل پهرين اجلاس ۾ چين چيو آهي، ته ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه بڻائڻ گهرجي، جڏهن ته آمريڪا خبردار ڪيو آهي، ته اها ٽيڪنالاجي ماڻهن تي پابندي لڳائڻ يا کين دٻائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، برطانوي خابرو ايجنسي مط??بق برطانيه جي پرڏيهي وزير جيمز ڪليوري چيو آهي، ته مصنوعي ذهانت انساني زندگي جي هر بنيادي پهلو کي بدلائي ڇڏيندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ معيشتون کي هٿي وٺائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اها ٽيڪنالاجي غلط معلومات کي هوا ڏيڻ ۽ رياستي ۽ غير رياستي عنصرن جي هٿيارن جي ڳ??لها ۾ معاونت ڪري سگهي ٿي، 15 رڪني ڪ??ئونسل کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گ??تر??س هاءِ پروفائيل آرٽيفيشل انٽيليجنس اسٽارٽپ انٿروپڪ جي شريڪ باني جيل ڪلارڪ ۽ چائنا يو ڪي ريسرچ سينٽر فار اي آءِ ايٿڪس اينڊ گورننس جي شريڪ ڊائريڪٽر پروفيسر زينگ يي بريفنگ ڏني. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته مصنوعي ذهانت جو فوجي ۽ غيرفوجي شعبن ۾ استعمال عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين نتيجا ڏئي سگهي ٿو. هن انهي غيرمعمولي ٽيڪنالاجي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪ??هه رياستن طرفان گڏيل قومن جي هڪ نئين اداري جي قيام جي مط??لبن جي پڻ حمايت ڪئي. گڏيل قومن ۾ چين جي سفير مصنوعي ذهانت کي ٻه منهين تلوار قرار ڏنو ۽ چيو ته چين مصنوعي ذهانت لاءِ رهنما اصول قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪ??دار جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته انسان ان کي ڪهڙي طرح استعمال ڪندو آهي ان کي ڪهڙي ريت منظم ڪندو آهي ۽ اسان سائنسي ترقي کي سيڪيورٽي سان ڪنهن ريت توازن ۾ رکون ٿا.
مصنوعي ذهانت ٻه منهين تلوار آهي، ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه بڻائڻ گهرجي: سلامتي ڪائونسل ۾ بحث دوران چين جو موقف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری