واشنگٽن- 02 نومبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان ??ي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ معاشي استحڪام ۽ سماجي ترقي، مالياتي نظم ۽ ضبط، پرڏيهي دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتري تي ڌيان ڏيندڙ اداره جاتي سڌارن کي مضبوط طريقي سان ??ڳتي وڌي رهيو آهي. هن گذريل ڏينهن آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ اٽلانٽڪ ڪائونسل ۾ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ۾ چيو ته اسان ڪيترن ئي تباهين ۽ مڪمل اونڌاهين جي اڳڪٿين کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ اسان هن ڀيري به ايئن ئي ڪنداسين. ڪانفرنس آن ريزيليئنس اينڊ ريفارم ان پاڪستان ??ي موضوع تي ڪانفرنس جانزها پڪنز اسڪول آف ايڊوانسڊ انٽرنيشنل اسٽيڊيز جي سهڪار سان منعقد ٿي. پاڪستاني سفير ان کي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان پنج شعبن آءِ ٽي، توانائي، زراعت، کاڻين ۽ دفاعي پيداوار ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جا نوان ??روازا کوليا آهن. هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جوڙي وئي آهي جيڪا پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ ون وڊو طور ڪم ڪندي آهي ته جيئن ??نص??بن جي تيز رفتار منظوري،پراجيڪٽ جي تيز رفتار ترقي ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪري سگهجي. پاڪستاني سفير چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قيام جو مقصد معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ، پاڪستاني معيشت کي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن سان ??امع ڪرڻ ۽ پاليسين جي تسلسل جي ضمانت ڏي ٿو، ڪانفرنس ۾ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ الزبٿ هورسٽ، آمريڪي عهديدارن، تعليمي ماهرن، اسڪالرن ۽ بزنس ليڊرز شرڪت ڪئي. خطاب جي شروعات ۾ مسعود خان پاڪ – آمريڪا لاڳاپن کي برقرار رکڻ تي پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ الزبٿ هورسٽ کي خراج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته الزبٿ هورسٽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو سبب آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا سيڪيورٽي لاڳاپن کي هموار ڪرڻ ۽ اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ ثقافتي حصيداري قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي مسلسل مضبوط رکيو آهي. هن چيو ته اسان ??ن تبديلي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ آمريڪي قيادت جا ٿورائتا آهيون، هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ماحولياتي تبديلي، صحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاع، دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي روڪٿام تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون، تنهن ڪري هو هي چئي ٿو ته هي وقت آمريڪي ڪاروباري ادارن لاءِ پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پاڪستاني واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ آمريڪي منڊين تائين پهچ لاءِ هڪ بهترين وقت آهي. هن چيو ته عالمي بئنڪ جي مدد سان پاڪستان پنهنجي ٽيڪس نظام کي وسيع بنياد ۽ برابري وارو بڻائي رهيو آهي ته جيئن انساني ترقي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪري سگهجي ۽ جامع سڌارن جو مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ، ملڪيتن جا حق لاڳو ڪرڻ، ادائيگي جي مستحڪم دور کي يقيني بڻائڻ ۽ سرمائي جي پيداوار کي تيز ڪرڻ آهي. اسان ??ن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائينداسين. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري رهيو اهي ۽ دنيا کي درپيش بحرانن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ??مهوريت جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هو هر قيمت تي ان ??ستي تي پنهنجو سفر جاري رکندو اسان ??لد نيون چونڊون ڪرائينداسين ۽ سياسي استحڪام طرف اڳڀرائي جاري رکنداسين. سفير ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان پهرين ئي غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪري رهيو آهي، چين پاڪستان ??قتصادي راهداري (سي پيڪ) جو پهريون مرحلو 2019ع ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ارلي هارويسٽ ??نص??بن جي تڪميل سان پڄاڻي تي پهتو، سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ صنعتي ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، زراعت، آءِ ٽي، پيشيوراڻي تربيت، تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ غربت جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويو آهي جيڪو 37 بلين ڊالر ماليت جي ڪاٿي سان ??اري آهي. هن چيو ته اسان ٽريڪ تي آهيون، هن چيو ته ڪينيڊين فرم بيرڪ گولڊ پاڪستان ??ي ريڪوڊڪ ??نص??بي ۾ 7 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، بيرڪ گولڊ ۽ سعودي ويلٿ فنڊ- پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ به ان ??يڙپڪاري ۾ حصيداري لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، سعودي عرب ريفائنري جي ??نص??بن ۾ 14 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، متحده عرب امارات هوائي اڏي جي انتظامن جي حوالي سان ??يڙپڪاري جو معاهدو ڪيو آهي ۽ قطر ۽ بحرين سميت ٻين نار جي ملڪن آءِ ٽي، زراعت ۽ هوائي اڏن جي ٽرمينل ??نص??بن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. انهن سمورن ??نص??بن جي لاڳت جو ڪاٿو ايندڙ ڏهاڪن ۾ تقريبن 44 بلين ڊالر آهي. هن چيو ته ٻين اهم برانڊز نيسلي، هواوي ۽ ٽيلي نار پاڪستان ۾ ڪامياب آهن، مسعود خان چيو ته آمريڪا مستقل طور تي پاڪستان ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪن مان هڪ رهيو آهي، آمريڪي ڪاروباري ادارن گذريل سالن ۾ پاڪستان ۾ 1.5 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته ايف ڊي آءِ جي هي سطح ڪافي ناهي ۽ ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته يو ايس پاڪستان گرين الائنس جا قدم پاڪستان ??ي ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انرجي مڪس ۾ صاف توانائي جي حصي کي 2030ع تائين موجوده 34 سيڪڙو کان 60 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي پنهنجي هدفن تي اڳڀرائي ۾ مدد ڪندو ۽ پاڪستان ??ن سلسلي ۾ قدم جاري رکندو.
معاشي ترقي لاءِ اداره جاتي سڌارا، ڪاروباري ماحول ۾ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔