??يو??ارڪ – 18 ا??ري?? (اي پي پي) آمريڪي ڪمپني گو??ل اسرائيلي حڪومت سان معاهدي خلاف احتجاج تي پنهنجن 28 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو. آمريڪي رسالي بلوم برگ جي رپورٽ مطابق گو??ل اسرائيلي حڪومت کي مصنوعي ذهانت ۽ ۽ ڪلاڊ سروسز فراهم ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپني ايمازون سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو معاهدو ڪيو جنهن خلاف گوگل جي ملازمن ??يو??ارڪ سٽي، سياٽل ۽ ڪيليفورنيا ۾ ڪمپني جي آفيسن ۾ احتجاج ڪيو. ان جو موقف هو ته ڪمپني اسرائيل جي مدد ڪري فلسطين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي. ملازمن گوگل کان اسرائيل سان ??يل ڄاڻايل معاهدي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. گو??ل انتظاميا طرفان ملازمن جي احتجاج کي ٻين ملازمن جي ڪم ۾ رڪاوٽ، ڪمپني جي پاليسين خلاف ۽ ناقابل قبول رويو قرار ڏنو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته 28 ملازمن کي باقاعده جاچ کانپوءِ برطرف ڪيو ويو آهي. انتظاميا مطابق ملازمن جي احتج??ج جي جاچ جاري رکي ويندي ۽ وڌيڪ ضروري قدم کنيا ويندا.
نيويارڪ: آمريڪي ڪمپني گوگل اسرائيلي حڪومت سان معاهدي خلاف احتجاج تي 28 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena