اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اڄ جو پاڪستان وڌيڪ محفوظ، پرامن ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين لاءِ وڌيڪ سازگار آهي، ان??هاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي قوم پنهنجي جان ۽ مال جون جيڪي قربانيون ڏنيون آهن انهن جو نتيجو اسان جي سامهون اچي رهيو آهي، هن اها ڳالهه اسلام آباد ۾ ڏکڻ ايشيا جي فيڊريشن آف اڪائونٽنٽ?? جي بين الاقوامي ڪانفرنس کي خط??ب ڪندي چئي جنهن ۾ ملڪي ۽ سارڪ ملڪن جي ماهرن ۽ شرڪت ڪندڙن جو هڪ وڏو انگ موجود هو. صدر چيو ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ سبب اسان جي معيشت تي ان??هائي مثبت اثر پيا آهن ۽ پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ خطي جو محفوظ ترين ملڪ جي حيثيت سان اڀري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2