اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (??اٽ??) ۾ تعميري تبديلي حڪومت جي ترجيح آهي ۽ اسان ??اٽ?? کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جا خواهشمند آهيون، سمورن سماجي شعبن ۾ ??اٽ?? جي ره??اس??ن سان هڪجهڙي سلوڪ کي يقيني بڻايو ويندو. هن اها ڳالهه ??اٽ?? سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبرن سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪندڙن ۾ سينيٽر هدايت الله، حاجي مومن خ??ن آفريدي، اورنگزيب خان، هلال الرحمان، سجاد حسين طوري، محمد صالح شاهه، تاج محمد آفريدي ۽ ملڪ نجم الحسن شامل هئا. ??اٽ?? جي سينيٽرن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔