شنگهائي – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ سيڙپڪاري جا نوان رستا، نيون منڊيون ۽ نوان موقعا پيدا ڪر?? رهيو آهي، هڪ پٽي هڪ رستو جي ويزن جو حصو هوندي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۾ اضافي جو وڏو ذريعو بڻجندو ۽ ان سان گڏيل مقصدن جي فروغ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پي ٽي آءِ جي حڪومت سمورن شعبن ۾ ڏورس اثر رکندڙ بامقصد سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي، نئون پاڪستان ڪاروبار جي لاءِ وڌيڪ سازگار ۽ وڌيڪ مقابلي واري جاءِ هوندو. شنگهائي جي نيشنل ايگزيبيشن ??ينڊ ڪنوينشن ??ينٽر ۾ چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو (سي آءِ آءِ اي) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ پٽي هڪ رستو جو قدم گڏيل مفادن وارو عالمي برادري جوڙيندو ?? هي نمائش ويجهي ٺوس اقتصاديات جي وچ ۾ وڌيڪ آزاداڻي ثمرن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار هوندي.
سي پيڪ سيڙپڪاري جا نوان رستا ۽ نوان موقعا پيدا ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات