اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي ??ي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ سومر کان شروع ٿيندو. اجلاس ٽپهر 4 وڳي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامين?? هائوس ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي اجلاس جي 21 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ملڪ ۾ نانگ ۽ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين جي عدم دس??يابي سميت ٻه ڌيان ڇڪايو نوٽيس شامل آهن. ان کانسو??ءِ صدر جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن کي خطاب تي ٿورن واري قرارداد تي بحث پڻ ايجنڊا ۾ شامل آهي. ان کانسو??ءِ فارن ايڪسچينج ريگيوليشن ترميمي بل ۽ اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل 2019ع جي منظوري پڻ ايجنڊا ۾ شامل آهي. اي ??ي پي/ع – ک 17:45
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔