رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
دُنيا اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي جڏهن ته وڏي وقت کانپوءِ اڻميُون برساتُون وسڻ کانپوءِ دُنيا جو سڀ کان وڏو سياحتي ماڳ مارئي جو ديس ٿر سياحن جي ??مد جي ڪري ٻهڪي پيو آهي. جڏهن ته سياحت جي ??المي ڏينهن جي موقعي تي ٿر جا ٿوهر سياحن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ ڄڻ ته ٻانهُون کولي بيـٺل آهن
۽ ٿر واسيءَ خوشي مان ٻهڪي رهيا آهن، ٿرپاڪر پاڪستان جو ريگستاني علائقو آهي جنهن جو دارو مدار برساتن تي آهي۔ ان جي ڪري عام چوڻي آهي ته “وسي ٿر نه ته بر ئي بر” اهو بر سٺيون برساتون وسڻ کانپوءِ ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ٿي پيو آهي ۽ وڏي وقت کانپوءِ حسين ٿر بڻجي ??ياحن جي ??کين ??ي آٿتُون ڏيئي رهيو آهي ۽ تل ??رايون ڀرجي ويون آهن
ٿر ۾ وقت تي سٺيون برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار منهن ڪڍندو آهي ۽ ٿر واسين جون زندگيون مفلوج بڻجي وينديون آهن ۽ ٽهڪن ۽ خوشين بدران مختلف بيماريون واسو ڪري وينديُون آهن، جنهن جو اڪثر شڪار عورتُون ۽ ٻار ٿيندا آهن، برساتون نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ گاهه نه ٿيندو آهي جنهن جي ڪري کاڌي خوراڪ ۽ کير جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي۔ انسانن ۽ جانورن کي گهربل کاڌو نه ملڻ ڪري ڀٽن جي ڀر ۾ مُئل مال ڏسي اکين جا سمُورا خواب لُڙهي ويندا آهن، پر جڏهن ٿر تي برساتون پونديون آهن ته ٿري ماڻهن جا چهرا ٿرجي پياسي زمين سان گڏ ٻهڪي پوندا آهن، جهمريون هڻي برساتن جي ??جيان ڪندا آهن، برساتن جي وسڻ کان پو۽ ٿر جي ??ڃايل زمين به جيڪا بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي اها سائي چادر سان ڍڪجي ويندي آهي ۽ خوبصورت دل کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن
ٿر جون ٻنيون به برسات تي ٿينديون آهن، جنهن ۾ ٿر جا ماڻهو فصل خاص ڪري گوار، ٻاجهري پوکيندا آهن سٺي برسات پوڻ سان فصل به سٺا ٿيندا آهن ۽ سياحن جي ??مد سان هر طرف رونقُون لڳي وينديُون آهن.
گڊي ڀٽ ۽ ڪارونجهر جبل سميت ٿر جا سياحتي ماڳ جيڪي برسات کانپوءِ سرها لڳڻ لڳندا آهن
ٿرپارڪر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ سياحتي ماڳ، ڪارونجهر جبل
ڀوڏيسر جي مسجد، مارئي جو کوهه، گوڙي مندر، ساردڙو مندر، تروٽ جي چوٽي، ننگرپارڪر ۾ پاڻي جا ڊيم، راڻاسر ترائي، پاٻوهر جي ??رائي، مٺي شهر ۾ پڪنڪ پوائنٽ گڊي ڀٽ سميت ٻين هنڌن جي ??ونهن ڏسڻ وٽان هوندي آهي۔، جتي برساتون پڻ کان پو۽ پوري ملڪ مان هز??رن جي ??عداد ۾ سياح تفريح ڪرڻ جي لا۽ ايندا آهن، انهن هنڌن تي محفل موسيقي مان به سياح لطف اندوز ٿندا آهن، انهن هندن تي به ٿر جا ماڻهو مختلف ڪاروبار ڪري روزگار ڪندا آهن۔
ٿر ۾ برساتن جي ??وشي ٿر جي مالوندن کي عيد کان به وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته عيد جي ??وشي صرف هڪ ڏينهن ۽ برسات پوڻ جي ??وشي پورو سال محسوس ٿيندي آهي، ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر برسات تي آهي.
جيڪڏهن برسات نه پوي ته پورو ٿر ويران ۽ بيابان جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ جي ??ڻمئي برسات پوڻ تي ٿر بر بدران ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ??سڻ ۾ ايندو آهي، جنهن سان ٿر جي مالوند ماڻهن کي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي ان جو اندازو بيان ڪرڻ کان به وڌيڪ هوندو آهي، برسات جي موسم ۾ ٿر جو هر ماڻهو پاڻ کي امير سمجهندو آهي ۽ برساتن کي ڏکن ۽ قرض جي ??اتمي جو اعلان سمجهندو آهي.