اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ٻي شديد لهر کي نظر ۾ رکندي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، ڪورونا وائرس جي شرح ساڍا 7 سيڪڙو تائ??ن پهچي چڪي آهي، حڪومت ان تجويز تي غور ڪري رهي آهي ته سياري جي موسم جون ڊگهيون ۽ گرمي جي موسم ??و موڪليون محدود ڪيون وڃن، جتي به ماڻهُو جام گڏ ٿيندا اتي ڪورونا وائرس پکڙجندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی