اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان فلسطينن سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار تي قوم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي باري ۾ دنيا جي راءِ تبديل ٿ?? رهي آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن فلسطينن کي برابر جا حق ملندا، اسان امن لاءِ دعاڳو آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن فلسطينن سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي قوم کي خطاب ۾ ڪيو، وز??راعظم چيو ته اڄ جهڙي طرح سان پاڪستاني قوم فلسطينن جي حمايت ۾ نڪتي آهي ان سان مون کي خوشي ٿي آهي، سڄي قوم فلسطينن تي ظلمن جي نشاندهي ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي جنهن تي قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وز??راعظم چيو ته اسرائيل جڏهن کان ٺهيو آهي پاڪستان جو ان مسئلي تي هڪ ئي موقف رهيو آهي ۽ اهو موقف اسان جي عظيم اڳواڻ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو هو ته فلسطينن سان اها وڏي ناانصافي ۽ زيادتي ٿي آهي ۽ اسان پنهنجي موقف تي سدائين قائم رهنداسين. وز??راعظم چيو ته 27 رمضان جي رات جڏهن جو مسجد نبوي ۾ هو ته کيس قبله اول مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي حملي ۽ اسرائيلي پوليس طرفان فسلطينن تي تشدد جو پ??و پيو، 70 سالن کان فلسطينن جي آبادي کي اسرائيلي آبادڪارن انهن جي گهرن مان ڪڍي ڇڏ??و ۽ ان سان هڪ نئون انتشار پيدا ٿيو، وز??راعظم چيو ته غزه ۾ بمباري ڪئ?? وئي ۽ طاقتور ور فوج هٿين خالي فلسطينن تي ظلم ڪيو ويو، ٻارن کي بمباري ڪري شهيد ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ اڳئين ڏينهن ئي مون او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته او آءِ سي ان معاملي تي اسٽينڊ وٺي ۽ فلسطينن تي ظلم جي معاملي کي گڏيل قومن ۾ کنيو وڃي، وز??راعظم چيو ته مون پاڪستان واپس اچي شاهه سلمان سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ان معاملي تي آواز بلند ڪرڻ جو چيو، وز??راعظم چيو ته ان کانپوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ملائشيا جي اڳوڻي وز??راعظم مهاتر محمد سان به ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پوءِ فلسطين صدر محمود عباس سان ٿي مون کين خاطري ڪرائي ته سڄي ملسمان امت پر سموري انصاف پسند دنيا انهن سان گڏ بيـٺل آهي ۽ مون شاهه محمود قريشي کي هدايت ڪئي ته ان معاملي کي گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي ۾ کڻي ۽ هن جهڙي طرح سان سڀني مسلمان ملڪن کي گڏائي ان مسئلي کي ڀرپور طريقي سان کنيو ان تي کيس داد ڏيان ٿو، هن چيو ته ان سڄي صورتحال ۾ خوشي جي ڳالهه اها آهي جو هاڻي دنيا جي راءِ فلسطينن جي باري ۾ تبديل ٿ?? رهي آهي.
فلسطين جي باري ۾ دنيا جي راءِ تبديل ٿي رهي آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن فلسطينن کي برابر جا حق ملندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa