اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان ب??ائڻ ۽ ان جي غير ??ان??ني واپ??رر کي روڪڻ لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت پاڪستان جون ترجيحون واضح آهن، اسان منشيات جي ضبطي ۽ سرحدن جي نگراني جي موثر نظا?? جي ذريعي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پهرين ص?? جي ملڪن ۾ شامل آهيون، منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته منشيات جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن هر سال 26 جون تي عالمي اڳواڻن، عالمي برادري، عالمي اتحاد ۽ انجمن سميت سڀني لاءِ هڪ يادگيري جي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسان گڏيل ڪوششن سان منشيات جي غير ??ان??ني واپار کي روڪڻ لاءِ پنهنجون گڏيل ذميداريون ادا ڪريون. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان منشيات جي اسمگلنگ جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ڇو ته ان سان عوا?? جي صحت کي سخت خطرا درپيش آهن، منشيات جي استعمال ۽ ان جي غير ??ان??ني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ موثر قدم حڪومت پاڪستان جي اولين ترجيح آهن.
ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون