اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان هن وقت پاڪستان ۾ واحد اڳواڻ آ??ي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ??يڻ جي قدمن، پاڻي جي ذخيرن ۽ سستي پن بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي ڪاربند آهي. تاريخ گواهه آهي ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏا ڊيم نه ٺهي سگهيا، تربيلا جو پنجون توسيع منصوبو 807 بلين ڊالر جي لاڳت سان 2024ع ۾ مڪمل ٿيندو ان منصوبي جي ڪري تربيلا ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6 هزار 418 ميگاواٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ماضي ۾ پاڻي جي ذخيرن تي اهڙي طرح جو ڪم ناهي ٿيو، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن جي منصوبن ۾ گِهري دلچسپي وٺي رهي?? آهي. هن ??يو ته ديامرڀاشا ڊيم، داسو هائيڊرو پاور، مهمند ڊيم، هريپور پاور پراجيڪٽ، ڪڇي ڪينال، سنڌ بئراج، ڪي فور واٽر سپلائي پروجيڪٽ، ڪُرم تنگي ڊيم ۽ نئين گاج ڊيم پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، آبي ذخيرن جا اهي 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو هن ??يو ته انهن منصوبن مان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ ملازمتن جا موقعا ميسر ايندا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان لاءِ سڀني وفاقي اڪاين جا آبادگار برابر آهن، هو سڀني جي هڪجهڙي ترقي جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم ايندڙ نسلن لاءِ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قدمن، پاڻي جي ذخيرن ۽ سستي پن بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي ڪاربند آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil