اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضا??و حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ش??مل آهي، حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل افرادي قوت کي سه??لتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. هن اسلام آباد ٽيڪنو پولس تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اسپيشل ٽيڪنالاجي ز??نر اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنيون ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيون آهن. وفاقي گادي واري شهر کانپوءِ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ زونز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جي برآمدات ۾ اضا??و حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ش??مل آهي. حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل افرادي قوت کي سه??لتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي.
ٽيڪنالاجي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ