اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آب??اشي جي حوالي سان سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آب?? ذخيرن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آب??اشي سان پوکي جوڳو بڻائڻ ملڪي غذ??ئي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن ملڪ ۾ آب??اشي جي نظام جي بهتري لاءِ جامع لائحه عمل تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري نظام، نهري پاڻي کي زرعي زمينن تائين ضايع ٿيڻ کانسواءِ پهچائن لاءِ ??ڪم?? عملي، پاڻي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر نظام ۽ آب??اشي جي نظام کي وسيع ڪري غير آباد زمينن کي پوکي جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت دريائي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن تي سنجيدگي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهي آهي ۽ ان ڏهاڪي کي ڊيمن جي تعمير جي ڏهاڪي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخوا ۾ پاڻي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي غذ??ئي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تحت حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان تي به عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي، وزيراعظم سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي پاڻي جي ذخيرن جي منصوبن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آب??اشي سان پوکي جوڳي بڻائڻ کي ملڪي غذ??ئي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، نائب منصوبابندي ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ اعليٰ صوبائي آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران آبپاشي جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج