لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر کي پاڻ هڪ ٻئي تي اعتماد ناهي رهي??، 48 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ هاڻي 72 هون ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو آهي پر مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي ڪا خبر نه آهي، فضل الرحمان ۽ شهباز شريف کي منهن لڪائڻ جي جڳهه نه ملندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي چار ڊويزنن جون پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، پيپلزپارٽي حڪومت تبديلي بدران ??رداري فيملي کان پارٽي واپس وٺي، بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته انهن جو وزيراعظم ڪير هوندو؟ اڃا ته ائين لڳي رهيو آهي ته 8 ڪلاڪ شهباز شريف، 8 ڪلاڪ فضل الرحمان ۽ 8 ڪلاڪ آصف علي زرداري وزيراعظم هوندا، سمورا اتحادي اسان ??ان گڏ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ حڪومت مستحڪم آهي، بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ ڀليڪار چونداسين، انهن جو 60، 70 ماڻهن جو مارچ مئچ دوران ??ه اچي ويو ته ڪو مسئ??و نه آهي، انهن کي ڪيبن به ڏينداسين ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊ مان چانهه به پيارينداسين. هن چيو ته 22 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، پهريون ڀيرون پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليسي سئو سيڪڙو پاڪستان ??ي اندر ٺهي رهي آهي، يورپ ۽ آمريڪا سان ??سان ??ا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، پشاور سانحي تي تمام گهڻو ڏک آهي، اسان ??ي دلين تي قيامت گذري آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 24 سالن کانپوءِ ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي، اسان چاهيون ٿا ته مخالف ڌر عالمي سطح تي اهڙي قسم جا سگنل نه ڏي جنهن سان ڪرڪيٽ متاثر ٿئي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ ويلڪم ڪريون ٿا پر اهي مئچ کانپوءِ راولپنڊي پهچن ڇو ته 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي، هونئن جيڪڏهن اهي پنهنجي 60، 70 ماڻهن جو مارچ مئچ دوران ??ه کڻي آيا ته ڪو مسئ??و نه آهي، اسانهن کي ڪيبن به ڏينداسين ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊ مان چانهه به پيارينداسين. 48 ڪلاڪن کانپوءِ هاڻي 72 هون ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو آهي پر مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي ڪا خبر نه آهي، منهنجو خيال آهي ته عدم اعتماد جي رٿ انهن جو اهو ٻار هو جيڪو گهٽيءَ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو آهي، هاڻي ڏسون ته اهي پنهنجي ان گم ٿيل ٻار کي ڳولڻ ۾ ڪيترو وقت لڳائين ٿا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ??و لٿل چهرو ڏسي شاڪر شجاع آبادي جو اهو شعر ان ??ي فٽ اچي ٿو ته ”تو شاڪر آپ سياڻان ??ين ساڊا چهره ويک حالات نه پڇ“. هن چيو ته حڪومت وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ مستحڪم آهي، سمورا اتحادي اسان ??ان گڏ آهن، حڪومت کي انهن چورن، ڦورن ۽ عدم اعتماد جي ڊرامي کان ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته عمران ??ان مسلمان ??مت ۽ پاڪستان ??و ليڊر آهي، هلندڙ سال 22 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هيستائين 29 پرڏيهي وزيرن اچڻ جي تصديق به ڪري ڇڏي آهي، هن ڀيري 23 مارچ جي ڏينهن پوري مسلمان ??مت، يورپي ملڪن سميت اهم ملڪن جا پرڏيهي وزير پاڪستان ??ان گڏ بيٺل هوندا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان متوازن پاليسي تي يقين رکون ٿا، روس يوڪرين تڪرار تي اسان ??و موقف واضح آهي، ان ??اثر کي رد ڪريون ٿا ته اسان ??ا ويسٽرن بلاڪ سان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، وزيراعظم عمران ??ان ??وسي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ پنهنجي پاليسي واضح ڪري ڇڏي هئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان ??ي نمائندي منير اڪرم پڻ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جنگ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ڳالهين سان مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ??نگ جو حامي نه آهي، ڳالهين سان مسئلن جو حل چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليسي سئو سيڪڙو پاڪستان ??ي اندر ٺهي رهي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آهي جنهن جي پٺيان فوج، پورو ملڪ ۽ عام ماڻهو بيٺل آهي، اسان ??ي پاليسين ۾ وزيراعظم جو ملڪ لاءِ احساس نظر اچي ٿو، مخالف ڌر خاص طور تي جن جو مي فيئر ۾ گهر آهي اهي بيهوش ٿي ويا آهن ته وزيراعظم روس ڇو ه??يو ويو، يورپ ۽ آمريڪا سان ??سان ??ا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، اسان چاهيون ٿا غريب ملڪن جو جيڪو پئسو ٻاهرئين ملڪن منتقل ٿيو آهي اهو واپس اچي، ان ??والي سان ??سان ??يزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پشاور سانحي تي تمام گهڻو ڏک آهي، اسان ??ي دلين تي قيامت گذري آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته جڏهن به پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ شروع ٿي اهڙي طرح جا سانحا ٿيا، پشاور سانحي تي هر ٽوئيٽ ڀارت مان ??نريٽ ٿي رهي هئي جنهن ۾ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽيگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيا آهيون پر ڀارتي حڪومت پنهنجي انهن 65 سيڪڙو ماڻهن کي به يرغمال بڻايو آهي جن مودي کي ووٽ نه ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ??من جي لاءِ تيار اهي، ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته جهانگير ترين بيمار آهي ۽ هو علاج جي لاءِ ٻاهر ويو آهي. جهانگير ترين جي طبيعت هاڻي بهتر آهي پر هو في الحال وطن واپس نه اچي رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي چار ڊويزنن جون پارٽيون بڻجي رهجي ويون آهن ۽ انهن جو مقصد رڳو پنهنجي ڦريل دولت کي بچائڻ آهي. بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته انهن جي وزيراعظم جو اميدوار ڪير آهي، اڃا ته ائين لڳي رهيو آهي ته 8 ڪلاڪ شهباز شريف، 8 ڪلاڪ مولانا فضل الرحمان ۽ 8 ڪلاڪ زرداري وزيراعظم هوندا، مريم ۽ بلاول جيئن ته ننڍا آهن اهي چار چار ڪلاڪن جا وزيراعظم هوندا. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت تبديلي بدران ??رداري فيملي کان پارٽي واپس وٺي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سائبريا ۾ جڏهن تمام گهڻي برف پوي ٿي ته اتي خوراڪ ختم ٿي وڃي ٿي، اتي موجود ڀيڙيا هڪ ٻئي تي نظر رکن ٿا ته ڪير انهن تي حم??و نه ڪري ڇڏي، اسان ??ي مخالف ڌر جو حال به سائبريا جي ڀيڙين جهڙو آهي انهن مان ڪنهن کي هڪ ٻئي تي اعتبار نه آهي.
مخالف ڌر کي پاڻ هڪ ٻئي تي اعتماد ناهي رهيو، 48 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ هاڻي 72 هون ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو آهي پر مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي ڪا خبر نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن