اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??ار?? جي سڀ کان وڏي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ حقيقتن جي ابتڙ آهي، ??ار?? جي اندران اقليتن تي ظلمن تي آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششون دنيا آڏو آهن، ??ار?? ۾ بابري مسجد جي شهادت، آسام واقعو، حجاب تي پابندي سميت اقليتن تي ظلم سڀني جي سامهون آهن، والاريل ڪشمير ۾ 80 لک ڪشميرين تي ??ار?? جي ظلمن ۽ ڏاڍ جي انتها آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ منعقد ”هندستان وڏي جمهوريت يا جعلي يونين“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حجاب جي معاملي ۾ ??ار?? ۾ رهندڙ وڏين وڏين شخصيتن مسلمانن کي غيرمحفوظ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، مودي جي بي جي پي سرڪار هندوتوا ايجنڊا ۽ آر ايس ايس انتهاپسنداڻي سوچ کي هوا ڏئي رهي آهي، بابري مسجد شهيد ڪرڻ کانپوءِ هاڻي دائرو پوري ??ار?? ۾ پکڙجي چڪو آهي، والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت ختم ڪرڻ کانپوءِ ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي ويو آهي، جتي انٽرنيٽ جي بندش، اطلاعات تائين پهچ ۾ رڪاوٽون آهن. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان 5 آگسٽ جي ??ار?? جي هڪطرفي قدم جي خلاف گڏيل قومن ۾ ڳا??هه ڪئي ته اولهه ميڊيا ان تي لکڻ ۽ ڳا??هائڻ شروع ڪيو، پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششون دنيا آڏو آهن، سک برادري جي خالصتان تحريڪ ۽ پاڪستان جي لاءِ ريفرنڊم ان جو واضح ثبوت آهي، راهول گانڌي پارليامينٽ ۾ بيهي چيو ته مودي سرڪار اسان جي ابن ڏاڏن جي مشن جي مخالف رخ تي هلي رهي آهي، اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته مودي جي هندوتوا سوچ آئين تي حاوي ٿي وئي، ??ار?? ۾ اقليتون غيرمحفوظ ٿي چڪيون آهن، هڪ طرف ??ار?? والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت ختم ڪري رهيو آهي ۽ اقليتن تي ظلم ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف پاڪستان ڪرتارپور لنگهه کولڻ جهڙا قدم کڻي رهيو آهي، دنيا ??ار?? جي تنگ نظري کان واقف ٿي چڪي آهي. فرخ حبيب چيو ته اي يو ڊس انفوليب 750 جعلي ويب سائيٽس پڪڙيون آهن، اسان کي ففٿ جنريشن هائبرڊ وار فيئر درپيش آهي، اڻ ڏٺي جنگ اسان تي مڙهي وئي آهي، پاڪستان ائٽمي ملڪ آهي جيڪو دشمن کي کٽڪي رهيو آهي، انڊين نيوز ايجنسي اي اين آئي ڪوڙ ڦهلائيندڙ ايجنسي بڻجي چڪي آهي، وزيراعظم عمران خان ائين ئي ??ار??ي ظلمن کي دنيا آڏو سامهون آڻيندو رهندو. ان موقعي تي اڳوڻي سفير آصف علي خان دراني، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سلميٰ ملڪ، ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر عرشي سليم هاشمي، سينٽر فار ايرو اسپيس ۽ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر اسٽريٽجڪ ڊفينس سيد محمد علي سميت ٻين پڻ سيمينار کي خطاب ڪيو ۽ ??ار?? جي جعلي جمهوريت جو پ??دو فاش ڪيو.
ڀارت جي سڀ کان وڏي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ حقيقتن جي ابتڙ آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں