اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ س??، ا??س سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موق??ي تي قازقستان جي پرڏيهي وزير مختار تلبردي وزيرا??ظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موق??ي تي قازقستان جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم سيپٽمبر 2021ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلاس جي موق??ي تي قازقستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪايوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقستان جي پرڏيهي وزير وزيرا??ظم عمران خان کي قازقستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ٻطرفي تعاون کان آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم گڏيل قومن، او آءِ س??، ا??س سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هو هن سال جي آخر ۾ قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.
پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن