اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ته جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڪنهن تي احسان ??ه آهي پر آئين جي بنيادي گهرج ۽ حق آهي، صحافين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صحافين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع تي صحافين ۽ صحافت?? تنظيمن سان ??ڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان ??يڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سا?? ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پرو??يڪ??ن (ترميمي) بل 2022ع اطلاعات واري وزارت کي ملي ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اطلاعات، قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين ۽ صحافت?? تنظيمن سان ??ڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آزادي سا?? ئي سياست به زندگي ماڻي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۽ صحافين کي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ احساس ذميواري ۾ توازن سان ??عاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته اختلاف راءِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان ??وقعي تي پي ايف يو جي جي وفد اطلاعات واري وف??قي وزير کي صحافين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته صحافت?? تنظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏجي صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.
صحافت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ته جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ