اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ متاثرين کي معاوضي جي 4 ??ال?? کان عدم ادائيگي تي نيشنل ه??ءِ وي ??ٿا??ٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف نيشنل ه??ءِ وي ??ٿا??ٽي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي زمين حاصل ڪرڻ جي 23 متاثرين کي چئن ??ال?? تائين معاوضي جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪرڻ ۾ دير جي ذميوار آفيسرن، اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نيشنل ه??ءِ وي ??ٿا??ٽي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ پيش ڪري. صدر چيو ته ??ٿا??ٽي وضاحت ڪري ته محتسب جي حڪمن جي تعميل ڇو نه ڪئي وئي. هن چيو ته ??ٿا??ٽي چئن ??ال?? جي دير کانپوءِ ايڪنڪ جي منظوري جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير سان موڪلڻ تي شهرين کي ادائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل ه??ءِ وي ??ٿا??ٽي جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته ??ٿا??ٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنسي جي قانوني ذميواري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪرائي. هن چيو ته ??ٿا??ٽي زمين کي حاصل ڪرڻ دوران نقصان جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايتن جي چئن ??ال?? کانپوءِ دير سان ڪيس شروع ڪرڻ بدانتظامي جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستان جي 23 شهرين کان ??ٿا??ٽي روڊ جي تعمير جي لاءِ زرعي زمين حاصل ڪئي، روڊ مڪمل ٿيڻ جي باوجود زمين جي معاوضي جي رقم شهرين کي ادا نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين ??ٿا??ٽي کان معاوضي جي درخواست ڪئي پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ريليف نه ملڻ تي بلوچستان جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئي، وفاقي محتسب ??ٿا??ٽي جي حڪمن جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنهن کي نيشنل ه??ءِ وي ??ٿا??ٽي صدر آڏو چئلينج ڪيو، صدر نيشنل ه??ءِ وي ??ٿا??ٽي جي درخواست کي مڪمل طور غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
صدر پاران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی