اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آ??ي ايف سي) جي ايپ??س ڪميٽي ايس آ??ي ايف سي جي قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪيو آهي، ايپ??س ڪميٽي زراعت/ چُوپائي مال، کاڻين جي کوٽائي/معدنيات، آءِ ٽي ۽ توانائي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گذريل حڪومت جي منظور ڪي?? منصوبن جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آ??ي ايف سي) قدمن تحت مثبت تحرڪ جاري رکڻ جي لاءِ ايس آ??ي ايف سي جي چوٿين ايپ??س ڪميٽي جو نگران حڪومت جي قيادت ۾ پهريون اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي ڪابينا، وڏن وزيرن، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ سطح جي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا ايس آ??ي ايف سي جي قدمن جو مڪمل جائزو ورتو جنهن ۾ اهم شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ اهڙي طرح تمام گهٽ وقت ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيون شامل آهن. وزيراعظم ڀرپور هم آهنگي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ حصيداري ”پورو حڪومتي موقف“ جي ذريعي ايس آ??ي ايف سي جي موثر ڪم کي ساراهيو. ايپ??س ڪميٽي ايس آ??ي ايف سي جي عالمي سطح تي پهچ حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ ڀائر/ دوست ملڪن سان جاري مصروفيتن کي ساراهيو جنهن ۾ سعدوي عرب ۽ اسلامڪ آرگنائيزيشن فار فوڊ سيڪيورٽي (آئي او ايف سي) جي اعليٰ سطحي وفدن جا نتيجاخيز دورا شامل آهن. ايپ??س ڪميٽي ايس آ??ي ايف سي جي قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ملڪي معيشت جي بحالي طرف مثبت رفتار کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. ايپ??س ڪميٽي زراعت/ چُوپائي مال، کاڻين جي کوٽائي/ معدنيات، آءِ ٽي ۽ توانائي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ گذريل حڪومت جي منظور ڪي?? منصوبن جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايس آ??ي ايف سي جي ذريعي پهرين کان حاصل ڪيل سازگار ماحول جو فائدو کڻندي نشاندهي ڪي?? منصوبن جي تڪميل ۾ تيزي آندي وڃي. آرمي چيف جنرل عاصم منير ملڪي معيشت جي بحالي ۽ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ پاليسين جي تسلسل جي لاءِ نگران حڪومت سان پاڪ فوج جي هر ممڪن تعاون جو عزم ظاهر ڪيو.
خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي پاران ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي عزم ۽ حمايت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ