اسلا?? آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي محتسب تائين پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ کيس وفاقي محتسب جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ملاقات دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته وفاقي محتسب 2023ع ۾ سرڪاري کاتن جي بدانتظامي جي خلاف رڪارڊ 194099 شڪ??يتن تي ڪارروائي ڪئي. وفاقي محتسب جي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سال 2023ع ۾ شڪ??يتن تي ڪارروائي ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو، مجموعي شڪ??يتن مان 193028 جو ازالو ڪيو ويو، سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ شڪ??يتن جي ازالي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو. وفاقي محتسب ملاقات ۾ صدر کي محتسب جي ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ??ند?? چيو ته وفاقي محتسب سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪ??يت ڪندڙن کي فوري ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. وفاقي محتسب چيو ته سال 2023ع ۾ 49190 شڪ??يتون آن لائين مليون، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو، موبائيل ايپ جي ذريعي 22321 شڪ??يتون مليون جن ۾ سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو. صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته محتسب ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪيسن جو جلد ازالو ڪري رهيو آهي جڏهن ته هو ڏرانهن علائقن تائين پهچ وڌائي رهيو آهي. وفاقي محتسب چيو ته نئين علائقائي آفيسن، کلي ڪچهرين، تڪرارن جي غيررسمي حل ۽ انسپيڪشن ٽيمن جي دورن س??ن شڪ??يتن جي ازالي ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته شڪ??يتن جي داخلا ۾ اضافو ٿيو. صدر آصف علي زرداري کي ان ڳالهه کان به آگاهه ڪيو ويو ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ۾ اوورسيز پاڪستانين جي آفيس رڪارڊ 202367 شڪ??يتن تي ڪارروائي ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو.
صدر آصف علي زرداري کي وفاقي محتسب جي سالياني رپورٽ پيش
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری