اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن کي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ اسان جي گڏيل هدفن کي ڪمزور ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو، غيرانساني حملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ گڏيل قدرن تي حملو آهي، اهو واقعو پاڪ چين دوستي جي دشمنن پاران ترتيب ڏنو ويو هو. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار ??در آصف علي زرداري چين جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو. چيني ??في?? جيانگ زائيڊونگ سفارتخاني اچڻ تي ??در آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو. ??در جو بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ ع??ام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. ??در چيو ته پاڪستاني قوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام چيني عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته دشمن اهو قبول نه ٿا ڪري سگهن ته پاڪ چين ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، بي رحماڻي فعل ۾ ملوث ڏوهارين کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ??در چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمور?? ضروري قدم کنيا ويندا. چيني ??في?? تعزيت جي لاءِ ذاتي طور تي سفارتخاني جو دورو ڪرڻ تي ??در جا ٿورا مڃيا. چيني ??في?? دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون وڌائڻ، پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ تي پڪڙڻ جي ضرورت آهي. چيني ??في?? جو پاڪستان سان تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سي پيڪ سميت ٻين منصوبن جي لاءِ حمايت جاري رکڻ جي چيني عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته زندگي ج?? سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي. هن چيو ته چيني ڪارڪنن پاڪستان ج?? سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان دهشتگردن کي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ اسان جي گڏيل هدفن کي ڪمزور ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا