اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چائلڊ ويليئر اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪميشن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائن آف ايڪشن فار چلڊرن سميت انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، عورتن جي وقار بابت نيشنل ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي وئي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ ناڻي واري ڊويزن پاران پيش ڪيل فسيڪل پاليسي اسٽيٽمينٽ مالي سال 23 – 2022ع، ڊيبٽ پاليسي اسٽيٽمنٽ مالي سال 23 – 2022ع ۽ ايئر اينڊ گورنمينٽ پرفارمنس مانيٽرنگ رپورٽ پيش ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا مٿي ڄاڻايل اسٽيٽمنٽس/ رپورٽ کي مروجه قانونن تحت قومي اسيمبلي آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري ڊويزن جي ??فارش تي اڳوڻي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي سعودي عرب جي ??ڪومت ۽ ملائيشيا جي ??ڪومت پاران علي الترتيب ”ڪنگ عبدالعزيز ميڊل بيج آف آنر آف ايڪسلنٽ ڪلاس“ ۽ ”درجه ج?? پهلونان انگاٽن تينتره“ وصول ڪرڻ جي ??جازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ا??ساني حقن واري ڊويزن جي ??فارش تي اسٽيٽس آف وومين بابت نيشنل ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ا??ساني حقن واري وزارت جي ??فارش تي چائلڊ ويليئر اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪميشن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائن آف ايڪشن فار چلڊرن جيڪي انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسون آهن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ادارن جا ا??ي سمورا ملازم جيڪي سول سرونٽس آهن انهن کي پاڪستان جي ??رپ??س پول ۾ شامل ڪيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ڪميشن آن رائيٽس آف چائلڊ ايڪٽ 2017ع تحت نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس آف چائلڊ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي جنهن جي موجودگي ۾ اهي ادارا غيرضروري ٿي چڪا آهن ڇو ته انهن ادارن بابت سمورو ڪم ان ڪميشن جي ??والي ڪيو ويو آهي. حڪومت جي ڪفايت شعاري جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي انهن ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وفاقي ڪابينا چائلڊ ويليئر اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪميشن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائن آف ايڪشن فار چلڊرن سميت انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena