اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ شام ۾ ايراني قونصلخاني تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ اسرائيل جي ”مهم جوئي“ ناقابل قبول آهي?? غزه ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ اڳ کان غيرمستحڪم خطي ۾ غيرذميواراڻي حملي تي ان کي جوابده ٿيڻ گهرجي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته هن هفتي شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي غيرذميواراڻي حملي سان خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي هڪ نئين سطح تي پهچي وئي آهي، اهو حملو گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ ڪنوينشنز جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته گذريل 6 مهينن دوران عالمي انساني قانون جي منظم خلاف ورزين ۾ ملوث رهيا آهن، انساني بحران جو شڪار ماڻهن جي لاءِ خوراڪ آڻيندڙ انساني امدادي قافلي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. غزه ۾ انساني امدادي قافلن تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي هن انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي حڪمن تي ”فوري، مڪمل ۽ موثر“ عم??درآمد ۽ اسرائيل جي ڏوهن تي عالمي احتساب جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان 25 مارچ تي منظور ڪيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2728 تي مڪمل ۽ تيزي سان عم??درآمد جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مستقل جنگبندي، انساني امداد جي فراهمي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ??يو وڃي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن ايران جي ڏکڻ اوڀر صوبي سيستان ۽ بلوچستان جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ خميس ڏينهن دهشتگرد حملي جي پڻ مذمت ڪئي ۽ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جا منتظر آهيون. بشام ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي ڳالهائيندي ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي حملي کانپوءِ چيني فرمن پاران منصوبن تي ڪم عارضي طور تي رو??يو ويو هو پر سيڪيورٽي آڊٽ کانپوءِ ڪم ٻيهر شروع ??يو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ??يو ته پاڪستان ٽي ٽي پي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندو ۽ افغان عبوري حڪومت مان اميد آهي ته هو پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث عسڪريت پسند گروپن يا قوتن جي خلاف ڪارروائي ڪندي. پاڪستان مان غيرقانوني غيرملڪي شهرين جي واپسي بابت ترجمان چيو ته اها پاليسي افغانين جي لاءِ مخصوص نه آهي پر ان ۾ پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غيرملڪي شهرين جي انهن جي وطن واپسي شامل آهي. هن چيو ته غيرملڪين جي هڪ محدود انگ کي ملڪ بدر ??يو ويو ڇو ته اڪثريت رضاڪاراڻي طور تي واپس وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ون ويزا پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ڇو ته پاڪستان ايندڙ سمورن غيرملڪين وٽ درست پاسپورٽ ۽ ويزا هجڻ گهرجي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جي سيڪريٽري وقار احمد شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽريز جي 19 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه، قازقستان جو دورو ??يو جنهن ۾ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. پنهنجي بيان ۾ سيڪريٽري خطي ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڏورس اثرن بابت خبردار ??يو ۽ دهشتگردي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عم??ي تي زور ڏنو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون کي 2024ع جي لاءِ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪميشن جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صدارت دوران سفير جدون گهڻ رخي مڪالمي ۽ تعاون جي اصولن کي برقرار رکندو ۽ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪميشن جي مينڊيٽ کي فروغ ڏيندو ته جيئن هٿيارن جي خاتمي جي شعبي ۾ مختلف مسئلن تي غور ۽ سفارشون پيش ڪيون وڃن. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي ترجمان چيو ته ڀارتي قابض عم??دار هڪ ڀيرو ٻيهر سرينگر جي عيدگاهه ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جو فيصلو ??يو آهي. هن چيو ته سرينگر جي تاريخي جامع مسجد جي خطيب ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي سندس ابن ڏاڏن جي ياد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ گهر ۾ نظربند ??يو ويو آهي. اسان ڀارتي عم??دارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي پرامن ميڙ ۽ مذهبي آزادي جي حق جو احترام ڪن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
شام ۾ ايراني قونصلخاني تي تازي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، خطي ۾ اسرائيل جي ”مهم جوئي“ ناقابل قبول آهي، غزه ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ اڳ کان غيرمستحڪم خطي ۾ غيرذميواراڻي حملي تي ان کي جوابده ٿيڻ گهرجي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج