اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيس پاڪستان جي ٽن ڏينهن سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وف??قي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ٻين عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻارن روايتي انداز ۾ ايرا??ي صدر کي گلدستو پيش ڪيو. پنهنجي دوري دوران ايرا??ي صدر ابراهيم رئيسي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پڻ ملاقات ڪندو. صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وف??ن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. اڄ وزيراعظم هائوس اچڻ تي ايرا??ي صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. ايرا??ي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ڌرتيءَ جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندا ۽ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايرا??ي صدر ۽ سندس وف?? جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو. ايرا??ي صدر لاهور ۽ ڪراچي پڻ ويندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو. ڌرين وٽ پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار، رابطن، توانائي، زراعت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع ايجنڊا هوندي. اهي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ دهشتگردي جي گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ مذهب سان ڳنڍيل مضبوط لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو.
اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيس پاڪستان جي ٽن ڏينهن سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش