اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پراڻي حصيداري کي ساراهيندي ز??اع?? سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وزي??اع??م ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوڍاڻي روڊز ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر مساتسوگو آساڪاوا هڪ وفد سان گڏ وزي??اع??م هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پراڻي حصيداري کي ساراهيندي وزي??اع??م اي ڊي بي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران متعارف ڪرايل سڌارن جي سلسلي بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، توانائي جي شعبي جي مالي استحڪام کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي خلاف قدمن، غيرهدف شده سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ کي وڌائڻ شامل آهي. وزي??اع??م چيو ته هو انهن سڌارن جي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن جي ڪامياب لاڳو ۽ ڊگهي مدي وارن اثرن کي يقيني بڻائي سگهجي جيڪي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. وزي??اع??م 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران 1.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراخدلاڻي مدد کي ساراهيو. هن ز??اع?? سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر خيالن جو اظهار ڪندي ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان پاڪستان جي هڪ باني ميمبر جي حيثيت سان ڊگهي وابستگي کي ساراهيو. هن جامع سڌارا آڻڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ بئنڪ جي مسلسل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، ماحولياتي تبديلي جي شعبي ۾ ۽ اداراجاتي سڌارن ۾ تعاون وڌائڻ جي بئنڪ جي عزم جي تجديد ڪئي. منصوبابندي، ترقي واري وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نج??اري واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ وزي??اع??م ۽ اي ڊي بي جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ترقي جي منصوبي جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا اهي ٻئي منصوبا ٻوڏ سان تباهه ٿيل علائقن جي بحالي بابت آهن.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ 400 ملين ڊالرز ڏيندي، منصوبي تي صحيحُون، 320 ملين ڊالر خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ترقي جي منصوبي لاءِ ڏنا ويندا، تقريب ۾ وزيراعظم ۽ اي ڊي بي صدر جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی