اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن سان ڌماڪن وسيلي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ س??ئب?? ۽ اليڪٽرانڪ ذريعن جو استعمال مذمت جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان هلندڙ هفتي لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن جي ڌماڪن ذريعي ڪيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. ترجم??ن چيو ته ٻاهرئين ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ س??ئب?? ۽ اليڪٽرانڪ ذريعن جو استعمال مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته دهشتگرد حملا خطي ۾ اسرائيل جي خطرناڪ مهم جوئي جو مظهر آهن جنهن سان امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي. ترجم??ن چيو ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو اسرائيل کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي جي لاءِ جوابده بڻائڻ ??ي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان هن سال 19 جولاءِ تي پيش ڪيل آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ۽ آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ کي عملي جامعو پارائڻ ??ي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد ج?? آجيان ڪئي. هن غزه ۾ هڪ اسڪول ۽ پنا??گي??ن جي پناهگاهه تي اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته پنا??گي?? ڪئمپن سميت هدفن تي اهڙي طرح جا حملا آءِ سي جي جي عارضي قدمن جي روح جي پڻ خلاف ورزي ڪن ٿا جن ۾ غزه جي ماڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري خدمتن ۽ انساني امداد جي فراهمي پڻ زور ڏنو ويو هو.
پاڪستان پاران لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن سان ڌماڪن وسيلي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا