اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ تڪرار کان پاڪ پرامن دنيا کي هٿي وٺائڻ ل??ءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا. اڄ جي ڏينهن اسان دنيا وچ ۾ ڳالهين ۽ افهام تفهيم کي هٿي وٺائڻ جي اهميت جو اعتراف ڪندي ان طرف عملي طور تي قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جي دنيا تڪرارن سبب ورهاڱي جو شڪار آهي، اسان کي سڄي دنيا وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ امن جي مقصدن ل??ءِ گڏيل حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ جو پختو يقين رکي ٿو. جڏهن ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ ل??ءِ پراڻن تڪرارن کي حل ڪرڻ ضروري آهي، هن خطي ۾ ڄمون ڪشمير جو تڪرار هڪ پراڻو مسئلو آهي جنهن جي جٽادار حل جو بنياد غير جانبد??ر ر??ءِ شماري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عمل ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي فلسطينين جي حالت کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي رياستي جارحيت جو بهادري سان مقابلو ڪري رهيا آهن. وچ اوڀر ۾ ديرپا امن ل??ءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ فلسطينين جي خواهشن موجب تڪرار جو پرامن حل وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ ل??ءِ تيار آهي. جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن ل??ءِ هڪ پرامن مستقبل تعمير ڪندي دنيا کي امن جو مرڪز بڻائي سگهون ٿا.
حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ تڪرار کان پاڪ پرامن دنيا کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : رومن دولت