برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل ل??ڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب عالمي اتحاد جو پهريون اجلاس گذر??ل سال سعودي عرب جي شهر رياض ۾ منعقد ٿ??و هو. عالمي اتحاد جي شروعات گذر??ل سال رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسرائيلي قبضي جو خاتمو ۽ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. پرڏيهي سيڪريٽري فورم کي خطاب ڪندي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع موقف، فلسطين جي هڪ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جيڪا 1967ع ک??ن اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ القدس الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي ۽ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ سان گڏوگڏ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جي برسلز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ