اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته هڪ تعليم يافته عورت نسلن جي نگهبان هوندي آهي ان لاءِ تعليم تائين پهچ هر عورت جو شرعي ۽ معاشرتي حق آهي، اسان سڀني کي گڏجي عورتن کي ??عليم جي زيور سان نوازڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ جن جن چئلينجز جو کين مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي ??ُور ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم، چئلينجن ۽ موقعن جي حوالي سان عالمن ۽ مشائخن جي مشاورتي ويهڪ کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عورتون معاشري ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿيون، اهي مائرون، ڌيئرون، گهر واريون ۽ ڀينرون آهن. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم عورتن لاءِ تعليم جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته هڪ تعليم يافته عورت نسلن جي نگهبان هوندي آهي، هڪ ماءُ طور هو پنهنجي ٻارن جي پهرين استاد هوندي آهي، هڪ تعليم يافته ماءُ پنهنجي ٻارن ۾ قدر، اخلاقيات ۽ علم جي محبت پيدا ڪري ٿي، معاشري جي مستقبل جي معمارن جي جوڙجڪ ڪري ٿي. چوڌري سالڪ حسين چيو ته نياڻين ۽ عورتن لاءِ علم حاصل ڪرڻ شريعت جي مقصد ۽ عوامي مفاد جي هڪ گهرج پڻ آهي، تعليم عور??ن کي معاشرتي ترقيءَ ۾ فعال طور حصو وجهڻ جي طاقت ڏئي ٿي. تعليم عورتن کي ??قتصادي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ، پنهنجي حقن جي وڪالت ڪرڻ ۽ـ فيصلا سازي جي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. اسلامي تاريخ ۾ عورتن جون مثالون اسان لاءِ روشنيءَ جو ڪِرڻو آهن. اسلام جي واضح رهنمائي باوجود ڪيترن ئي مسلم معاشرن ۾ عورتن جي تعليم کي ??قافتي رڪاوٽن ۽ اقتصادي مسئلن، عدم تحفظ جهڙن چئلينجن جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو، هي چئلينجز اسلام ۾ موجود ناهن پر هي سماجي روايتن ۽ مذهبي تعليم جي غلط تشريح جو نتيجو آهي، ضروري آهي ته عورتن جي تعليم جي راهه ۾ رڪاوٽن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت ۽ اجتماعي ڪوششن کي ??ختيار ڪيو وڃي. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتون، ديني عالم ۽ ڪميونٽيءَ جا اڳواڻ گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن جتي نياڻين جي تعليم جي حاصلات ۾ محفوظ ۽ معاونت محسوس ڪن، ان ۾ اسڪالرشپ ۽ مالي امداد فراهم ڪرڻ، محفوظ ۽ قابل رسائي اسڪولن جو قيام، عورتن جي تعليم تي اسلامي نقطهءِ نظر جي باري ۾ آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ ثقافتي غلط فهمين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مذهبي اڳواڻن کي ??امل ڪرڻ شامل آهي. اڄ اسان هڪ اهڙي دؤر ۾ رهون پيا جتي ٽيڪنالاجي ۽ جديد ٽولز تعليم لاءِ بي مثال موقعا فراهم ڪن ٿا. اِي لرننگ پليٽ فارمز، ڪميونٽي تي ٻَڌل منصوبا ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نياڻين جي تعليم ۾ بهتريءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اسان کي ??نهن ٽولر جو ڀرپور استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر نياڻي چاهي اها ڪنهن به سماجي ۽ اقتصادي پسِ منظر سان تعلق رکندي هجي معياري تعليم تائين رسائي حاصل ڪري سگهي. عورتن جي تعليم صرف فرد جي ترقيءَ جو معاملو ناهي پر هي هڪ خو??حال ۽ هم آهنگ معاشري جو بنياد آهي، اچو اسان عهد ڪريون ته مسلم معاشرن ۾ نياڻين کي ??عليم ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. چوڌري سالڪ حسين چيو ته اچو اسان غلط فهمين کي ??ُور ڪريون، رڪاوٽون ٽوڙيون ۽ هڪ روشن مستقبل لاءِ راهه هموار ڪريون، جتي هر عورت معاشرتي، ترقي ۽ خو??حاليءَ ۾ پنهنجو حصو وِجهي سگهي.
تعليم تائين پهچ هر عورت جو شرعي ۽ معاشرتي حق آهي: چوڌري سالڪ حسين
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون