سان جوز _18 جنوري (اي پي پي )ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ آرٽيفيشل انٽيليجنس فيچرز وارو جديد ترين گليڪسي سمارٽ فون پريميم ايس _24 الٽرا متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي . اي ايف پي مطابق سام سنگ جي صدر ان موقعي تي آ??ريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان جوز جي سليڪون ويلي ۾ هڪ اسپورٽس سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي هن چيو ته مصنوعي ذهانت موبائل جي صنعت ۾ وڏي تبديلي آڻڻ واري آ??ي .مستقبل ۾ موبائل فون مصنوعي ذهانت تائين رسائي جو بنيادي پوائنٽ هوندو ۽ سام سنگ ان حوالي سان قائداڻو ڪردارادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي . پريميم ايس -24 الٽرا ڪال دوران مختلف ٻولين جو ترجمو ڪرڻ جي صلاحت رکي ٿو ۽ ان ذريعي ٻه اهڙا ماڻهو به فون تي ڳالهيون ڪري سگهندا جيڪي هڪ ٻئي جي ٻولي نٿا سمجهن . اها سهولت دنيا ۾ ڳالهائجندڙ 13 ٻولين لاءِ دستياب هوندي ۽ ان لاءِ ترجمي نگار کي سام سنگ پنهنجي اي آءِ اي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي تيار ڪيو آه?? . فون ۾ گوگل سان واڳيل هڪ غير معمولي سرچ فنڪشن به ڏنو ويو آهي.ان فنڪشن جي استعمال سان صارف پنهنجي سامهون واري شخص جي ڪنهن به ٽيڪسٽ م??ن ڪنهن به اصتلاح يا تصوير کي دائرو لڳائي ڳولهي سگهندو. ان فون ۾ ميسيجنگ ۽ نيويگيشن جهڙو سسٽم به شامل آهي. ان سسٽم کي به مصنوعي ذهانت سان ڳنڍيو ويو آهي. آءِ فون – 15 جيان سام سنگ جو پريميم اي?? R11; 24 الٽرا ٽائينيم فريم سان گڏ آهي ـ ان جي شروعاتي قيمت 1299 ڊالر رکي وئي آ??ي.
سام سنگ اي آءِ فيچرز ۽ ڪال دوران ترجمو ڪندڙ گليڪسي سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo