ڪينبرا- 20 آگسٽ (اي پي پي) آسٽريليا ۽ انڊونيشيا وچ ۾ دفاعي معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آه??. پرڏيهي اداري موجب ٻنهي ملڪن نئين دفاعي معاهدي تحت ايشيا – پيسفڪ خطي ۾ ويجهي سهڪار جو عهد ڪيو آه??. گڏيل مشقن جو اهو معاهدو انڊونيشيا جي دفاع واري وزير ۽ نئين چونڊيل صدرپرابووسونيانٽو جي آسٽريليا جي دوري دوران طعي ٿيو. ان موقعي تي انڊونيشيا جي سربراهه ملڪ جي زراعت، خوراڪ جي شعبن ۽ منشيات جي عالمي اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو آه??. آسٽريليا جي دفاع واري وزير رچرڊ مارلس چيو ته دفاعي معاهدو جنهن تي ايندڙ وقت ۾ باضابطه طور صحيحيون ڪرڻ جي اميد آه??. ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڻي تائين ??يل سڀ کان وڌيڪ اهم معاهدن مان هي هڪ اهم معاهدو آه??. آسٽريليا جي وزير اعظم انٿوني البانيز چيو آه?? ته هي معاهدو اسان ٻنهي ملڪن جي سلامتي جي حم??يت لاءِ اهم ثابت ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : بونانزا