اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد نواز شريف لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هروڀرو جي جار??يت ۽ والاري?? ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن ??نهن ??حت وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ اڱاري تي طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ??ه پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي ٿيندو. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس جمعي ڏينهن ??لب ڪيو آهي جنهن ۾ والاري?? ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال ايجنڊا ۾ سر فهرست هوندي. ان کانسواءِ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي پ??هنجي دوري ۽ نيويارڪ ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سا?? ٿيندڙ تعميري ملاقاتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪندو ته جيئن وزيراعظم جي دوري جي فائدن کي سگهه ڏئي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار