لاهور – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو آ??ي ته نبي آخرالزمان صه مسلمان امت کي اهڙو رستو ڏيکاريو جيڪو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهي، دنيا اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور آ??ي ته امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڻ صه جي نقش قدم تي هلندي ئي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي، قرآن مجيد سان گڏوگڏ ميثاق مدينه ۽ خطبه حجته الوداع اهڙا بهترين دستاويز آهن جن کان رهنمائي وٺي سمورا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، گذريل سالن دوران ملڪ ۾ اسلام جي نالي تي فساد پکيڙيا ويا، هڪ ٻئي جا گلا ڪاٽيا ويا، حڪومت ٽن سالن جي ڪوششن سان فساد جو دروازو گهڻي حد تائين بند ڪري ڇڏيو، حڪومت قومي قيادت، عالم سڳورن، فوج ۽ ٻين رياستي ادارن جي قربانين سان دهشتگردن جا مرڪز ختم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي اسان جي ڪوشش آ??ي ته انتهاپسندي جو دروازو به بند ٿي وڃي، اهو ڪم حڪومت سان گڏوگڏ عالم سڳورن ۽ اهل دانش کي ڪرڻو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ مذهبي معاملن ۽ بي?? المذاهب ??م آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”بي?? المذاهب ??م آهنگي اسلامي تعليم ۽ اسوه رسول صه جي روشني ۾“ جي موضوع تي منعقد بي?? الاقوامي سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
نبي ڪريم صه مسلمان امت کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو رستو ڏيکاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria