گڏيل قومون-15 مئي (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اسرائيل ۽ غزه وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي آجيان ڪندي اپيل ڪئي ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائي??ار سياسي حل هميشا لاءِ امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ تشدد جي سلسلي کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجندو. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ سيڪريٽري جنرل اسرائيل ۽ غزه تي ڇنڇر تي ٿيل جنگ بندي جي معاهدي تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن معاهدي جي آجيان ۽ تشدد سبب متاثر ماڻهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جنگ بندي لاءِ مصر جي اهم ڪر??ار ۽ قطر، لبنان ۽ آمريڪا جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته جنگ بندي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. هن گڏ??ل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن، بين الاقوامي قانون ۽ اڳوڻن معاهدن جي بحالي جي اهميت ج?? بنياد تي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ??ل قومن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائي??ار سياسي حل امن ۽ هميشا لاءِ تشدد جي سلسلي جي خاتمي جو سبب بڻجندو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسرائيل ۽ غزه کي جنگ بندي تي عمل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا