مڪو شريف -02 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه حج 2024 (1445هه) لاءِ ??رو??اتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام تي عمل جي ??رو??ات 16 سيپٽمبر 2023ع کان ڪئي ويندي. سعودي خابرو اداري مطابق حج ۽ عمري واري وزير طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج 2024ع لاءِ اڳ ۾ کان عملي طور تي ڪم جي ??رو??ات ڪئي ويندي ته جيئن ڪمپنين طرفان حج پانڌيئڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تياري جو وقت ملي سگهي. هن چيو ته اي??دڙ حج لاءِ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. لائسنس يافته ڪمپنين جي ڊجيٽل رجسٽريشن جي ??رو??ات ڪئي ويندي. هوائي ڪمپنين سان معاهدي لاءِ سول ايوي ا??شن سان لاڳاپيل معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. حج ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته پهرين مارچ 2024ع (20 شعبان 1445هجري) کان ڊجيٽل ويزائون جاري ٿيڻ ??رو?? ٿي وينديون اهو سلسلو 29 اپريل 2024ع تائين جاري رهندو جڏهن ته 9 مئي 2024ع (پهرين ذوالقعد 1445) کان حج پانڌيئڙن جون اڏامون ملڪ اچڻ ??رو?? ٿي وينديون.
سعودي حج ۽ عمري واري وزير جو حج (1445هه) 2024ع لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ