تهران -31 جولاءِ (اي پي پي ) ايراني صدر مسعود پيز شڪيان چيو آهي ته ڪجهه اولهه جا ملڪ ا??ران ۽ سعودي عرب وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. ارنا نيوز مطابق هن تهران ۾ سعودي عرب جي وزير شهزاده منصور بن مطيب بن عبدالعزيز سان ملاقات ?? ڳالهائيندي چيو ته اولهه جا ڪجهه ملڪ ا??ران ۽ سعودي عرب خلاف بدخواهيءَ جا خواهشمند آهن اهي پنهنجا ناجائز مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي هوشياري، اتحاد ۽ يڪجهتي ذريعي ئي اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻ گهرجي. سعودي وزير پنهنجي طرفان سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد ط??فان ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ مذهبي رشتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر