تهران- 05 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسرائيل جي حملن جو فيصلائتو ۽ مضبوط جواب ڏينداسين. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته اسرائيلي ??ارحيت خلاف اسان جو جواب مضبوط ?? فيصلائتي هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سندس ملڪ پنهنجي قومي سلامتي، علائقائي سلامتي يا خودمختياري کي متاثر ڪندڙ ڪنهن به مداخلت يا حملي جو پنهنجي پوري طاقت ۽ سخت ترين انداز ۾ جواب ڏيندو. هن واضح ڪيو ته جيستائين غزه پٽي ۽ لبنان ۾ اسرائيل جا حملا جا??ي رهندا ته خطو بدترين عدم تحفظ ۽ جنگ جي دائرڪار ۾ واڌ جو شڪار رهندو. انهن جاري ڏوهن کي روڪڻ لاءِ علائقائي سطح تي ۽ ان جي ٻاهرن قدمن ۽ ڪوششن جي هميشه حمايت ڪئي آهي. واضح رهي ته ايران جو اهڙو بيان اهري وقت سامهون ايو اهيجڏهن ايراني ليڪس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آمريڪي صدارتي چوندن بعد تهران اسرائيل جي هوائي حملي جو جواب ڏيندو.
اسرائيل کي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ڪنداسين: ايران
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔