سيالڪوٽ – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته افطار ڊنر جي آڙ ۾ مُڪ مڪا جي لاءِ چور دروازو ڳوليو پيو وڃي، هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام هڻندڙ اڄ ڪنهن جي لاءِ ڳٺ جوڙ ڪري رهيا آهن. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ ميڊيا جي اندر هڪ ??ونچال آهي، آئون ميڊيا جي توسط سان انهن پار??ين جي ليڊرن کان اهو پڇڻ چاهيان ٿي ته انهن خاندانن جو ڳٺ جوڙ ۽ هڪ ٻئي جا پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻ جي دعويٰ، هڪ زرداري سڀ تي ڀاري جو نعرو ۽ هڪ ٻئي جي بيانيي سان گٿم گٿا ٻنهي سياسي پار??ين جي قيادت پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ مصروف هئي، اڄ آخرڪار ان نوراڪشتي جي پڄاڻي ٿي.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی