اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ غريب ماڻهن جي ??مداد لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي سياست نه ڪري، اهڙي بحث ۾ نه پوڻ گهرجي ??نهن سان معاشرو ورهائجي وڃي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته معيشت جو ڏيوالپڻو ٿئي ۽ انهن کي اين آر او ملي وڃي. سينيٽ جي ??جلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انهن ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، سيڪيورٽي فورسز، فلاحي تنظيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي پنهنجي ??ي??تي خطري ۾ وجهي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي قربانين کي آئون پنهنجي ??اٿين پاران سلام پيش ڪريان ٿو، انهن جي ??هاقرباني سدائين هن ملڪ جي ??اريخ ۾ سنهري لفظن سان لکي ويندي، هن پوري وبا جو انٽرنيشنل تناظر ??هي، اها ڪنهن مقامي علائقي جي نه آهي، اهو پاڪستان جو نه پوري دنيا جو مسئلو آهي.
حڪومت ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ غريب ماڻهن جي امداد لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس