رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا گڏيل لاڳاپا لازوال آهن، سعودي عرب مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي عرب جي سلامتي کي ڪنهن به قسم جي خطري تي پاڪستان ان جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ڀارت سان پاڪستان جو رڳو ڪشمير جو تڪرار آهي، جيڪڏهن گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڀارت ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏي ها ته ڀارت سان پوءِ اسان جو ڪو جهيڙو نه آهي، سعودي سي??پڪاري جي لاءِ پاڪستان پرڪشش ملڪ آهي. هو پاڪستان سعودي عرب انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان گهٽ وق?? ۾ ??نويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ تي انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفليع جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا گڏيل لاڳاپا لازوال آهن جن جون پاڙون عوامي سطح تي آهن، پاڪستان ۾ ڪا به حڪومت هجي سعودي عرب سان خصوصي لاڳاپا برقرار رهن ٿا، سعودي عرب حرمين شريفين جي سدرزمين آهي، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي استحڪام جي ڪري عوامي لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين مشڪل وق?? ۾ ??اٿ ڏيندڙ پنهنجي مخلص دوستن کي ياد رکي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي ڪو خطرو درپيش هجي ته پاڪستان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ولولا انگيز قيادت ۾ پنهنجي ملڪ ۾ وڌيڪ مثبت تبديليون آڻڻ جو جذبو آهي. وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي معيشت دنيا ۾ تيزي سان اڀرندڙ معيشتن ۾ شامل هئي، ان جا ادارا مضبوط هئ??، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز دنيا جي چوٽي جي 5، 6 ايئرلائينن ۾ شامل هئي، ان وقت پاڪستان صحيح رخ ۾ گامزن هو جڏهن ته بدقسمتي سان اسان ان رستي تان ڀٽڪي وياسين، هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان انهي رستي تي گامزن ٿي رهيا آهيون، صنعتن کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون. وزيراعطم چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ جي ابادي ۾ اڪثريت 30 سالن کان گهٽ عمر آهي جيڪا هڪ شاندار صلاحيت آهي جيڪا ترقي ۾ اهم ڪردار رکندڙ آهي، پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت ۽ جاگرافيائي بيهڪ ان جي اهمي?? ۾ ??ضافو ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ايشيائي ۽ ان کان پـٺتي جي مارڪيٽن لاءِ گيٽ وي آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ان جيو حصيداري تحت جديد رخن تي علائقائي رابطن جي بنياد تي بين العلائقائي واپار جي لاءِ موقعن جي آڇ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پاڙيسري ۾ دنيا جون ٻه بهترين مارڪيٽون آهن، پاڪستان جا چين سان لاڳاپا شاندار آهن، جيڪڏهن ڀارت سان ڪشمير جو تڪرار پرامن طور تي حل ٿي وڃي ٿو ته انهن موقعن ما?? ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو تهپ اڪستان ۾ سمورن شعبن ۾ غيرملڪي سي??پڪاري، سرمائي جي واپسي سان گڏ ۽ بنا ڪنهن پابندين جي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين پهچ ممڪن آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سي??پڪارن جي لاءِ وسيع موقعا آهن، سعودي سي??پڪاري جي لاءِ پاڪستان پرڪشش ملڪ آهي، سعودي ڪاروباري برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته حالتن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي، پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري هر ڪنهن جي لاءِ موقعا رکي ٿو، سعودي ڀائرن وٽ راوي اربن سٽي ۾ سي??پڪاري جا بهترين موقعا آهن، ان کانسواءِ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ لاهور ۾ پڻ سي??پڪاري جا موقعا موجود آهن، ان کانسواءِ ايڪوا پاور ۽ درياءَ سنڌ جي ڪناري ٽي لک ايڪڙ زمين کي زرعي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي موقعن ما?? سي??پڪار فائدو کڻي سگهن ٿا. هن سعودي سي??پڪارن کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان ۾ سي??پڪاري ڪن. هن زور ڏنو ته اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نجي شعبي ما?? فائدو کڻڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جا نجي شعبا واپار، ڪاروبار ۽ سي??پڪاري جي شعبن ۾ موجود صلاحيت ما?? فائدو کڻندي ٻطرفي پرجوش لاڳاپن ما?? ڀرپور فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ مذهب ملڪ طور دنيا سان گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، ڀارت مهذب پاڙيسري وانگر جيڪڏهن والاريل ڪشمير جو معاملو ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪري ته اسان جو ڪو جهيڙو نه آهي، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي گارنٽي گڏيل قومن 72 سال اڳ پنهنجي قراردادن ۾ ڏني آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچن، گڏيل لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. ان موقعي تي سعودي ڪمپنين ايس اي بي آءِ سي، اي سي ڊبليو اي پاور، مادن ايس اي ايل آئي سي، ايل زمل گروپ، ايل باواني گروپ، رياض بئنڪ ۽ انٽر پرينيورز جي نمائندن ۽ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته سعودي عرب جي سي??ڪاري واري وزير انجنيئر خالد ايلفليع، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين ۽ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر پڻ خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي جيو پوليٽيڪل کان جيو اڪنامڪ منتقلي ۽ توانائي واري وزير پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سي??پڪاري جي وسيع موقعن تي زور ڏنو. سعودي عرب جي سي??پڪاري واري وزير سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي مدي ۽ مثالي لاڳاپن تي زور روشني وجهندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار، سي??پڪاري ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جا گڏيل لاڳاپا لازوال آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia