اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اجلاس ۾ تجويز ڪيل قومي سلامتي ??ال??سي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم جي قومي سلام??ي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي ??ال??سي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلامتي جي ??ال??سي انساني، ا??تص??دي ۽ دفاعي سلامتي جي وچ ۾ تعلق کي نظر ۾ رکندي عوام جي خوشحالي ۽ تحفظ جي لاءِ جوڙي وئي آهي. هن چيو ته ا??تص??دي سيڪيورٽي ان ??ال??سي ۾ بنيادي جز آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ??ال??سي جو مقصد انساني ۽ دفاعي سلامتي ۾ وڌيڪ وسيلن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ آهي. قومي سلام??ي واري صلاحڪار ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلامتي ??ال??سي جي جوڙجڪ جي لاءِ ڌرين سان مشاورت جو عمل قومي سلامتي ڊويزن جي قيام کانپوءِ سال 2014ع ۾ شروع ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته 2018ع ۾ هڪ ڊرافٽنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي جنهن اڳ ۾ ڪيل ڪم ??ي وڌيڪ اڳ??ي وڌايو. هن ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته انهن ڪيترن ئي مسودن تي سمورن رياستي ادارن بشمول صوبائي حڪومت ۽ گلگ بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان مشاورت ڪئي وئي. هن چيو ته ??ال??سي جي عمل ??ي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ مشاورتي عمل ۾ سڄي پاڪستان مان 600 کان وڌيڪ تعليمي ماهرن، تجزيه ڪارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ شاگردن سان پڻ مشاورت ۾ شامل ڪيو ويو. قومي سلام??ي واري صلاحڪار ٻڌايو ته اقتدار جي منتقلي ۽ تيزي سان بدلجندڙ عالمي حالتن سان قومي سلامتي ??ال??سي جي ترجيحن کي هم آهنگ بڻائڻ جي لاءِ قومي سلامتي ??ال??سي جي دستاويز جو هر سال جائزو ورتو ويندو. پنهنجي بريفنگ جي پڄاڻي تي قومي سلامتي جي صلاحڪار چيو ته تجويز ڪيل قومي سلامتي ??ال??سي مستقبل ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن جو خاڪو پيش ڪندي. هن چيو ته هي ??ال??سي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ رهنما اصول فراهم ڪندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي سلامتي جي ??ال??سي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اها ??ال??سي موجوده حڪومت جي هڪ خوشحال ۽ محفوظ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ قومي ??ال??سين تي عوامي نمائندن سان مشاورت ضروري آهي. هن چيو تهپ اليسي ملڪ کي مستقبل ۾ پيش ايندڙ اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز جو احاطو ڪندي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ رهنمائي فراهم ڪندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سلامتي ??ال??سي جي جوڙجڪ تي سيڪيورٽي ڊويزن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي ??ال??سي محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان طرف هڪ مثبت اڳڀرائي ثابت ٿيندي. شرڪت ڪندڙن چيو ته هن وقت ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهريان چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اهڙي ئي ٺوس سلامتي ??ال??سي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، سينيٽ ۾ قائد ايوان، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن، قومي سلامتي، دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو