اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 ار?? رپين جا قرض ڏنا ويندا، جنهن سان 40 هزار نوان ڪاروبار شروع ٿيندا، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ار?? رپين جا قرض ڏنا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ار?? رپين جا قرض ڏنا آهن. ماضي جي حڪومتن نوجوانن ۽ راندين جي سرگرمين کي نظر انداز ڪيو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ٽيڪ اسڪالرشپ ڏن??ون ويون آهن، وزيراعظم عمران خان سڀ کان پهرين ماحولياتي تبديلي تي ڳالهه ڪئي، حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏن?? آهي ۽ سال 2022ع ۾ نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون وينديون، يونيورسٽين ۾ صحتمند سرگرمين لاءِ يوٿ ??رين موومينٽ جي شروعات ڪئي ويندي، ڪامياب جوان پروگرام تحت 18 کان 45 سال جي عمر جو هر شهري قرض لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ??ندي ڪيو. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سال 2021ع کان ڪامياب جوان پروگرام جا جيڪي منصوبا شروع ڪيا انهن جا سڀئي هدف حاصل ڪيا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت هاڻي تائين 30 ار?? رپيا تقسيم ڪ??ا ويا ۽ 27 ار?? 2021ع ۾ تقسيم ٿيا. سال 2020ع ۾ ڪورونا سبب هر طرف بندش هئي جنهن ڪري ڪامياب جوان قرض اسڪيم تي ڪم نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن سان واعدو آهي ته هن سال 50 ار?? رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت تقسيم ڪ??ا ويندا. هن چيو ته سال 2023ع نوجوانن جو سال ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪامياب جوان پروگرام کان سواءِ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هلندڙ سال نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون وينديون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته 12 آگسٽ تي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان کي ميزباني ملي ته جيئن پاڪستاني نوجوانن جو اميج سڄي دنيا آڏو رکي سگهون.
تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا، مسلم ليگ(ن) پنهنجي 5 سالا حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا: عثمان ڊار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار